عبدالقيوم صائب

عبدالقيوم صائب

عبدالقيوم صائب

عبدالقيوم ’صائب‘: نامور شاعر ۽ اديب عبدالقيوم ولد نبي بخش پيرزادو، 27 جولاءِ 1927ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم نور محمد هاءِ اسڪول ۽ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي. فارسيءَ جي تعليم مولوي عبدالرئوف بختيارپوريءَ کان حاصل ڪئي. عمر خيام جون رباعيون عبدالله ’بسمل‘ ٽکڙائيءَ وٽ پڙهيو. لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر شاعريءَ جو شوق هو. شاعريءَ جي سکيا ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل کان ورتي. پاڻ ’جمعيت الشعراءَ سنڌ‘ ۽ ’بزم خليل‘ تنظيم جو سرگرم ميمبر رهيو. هن ڪيترائي ڪتاب به لکيا، جيڪي هن ريت آهن: ’پاڪستان جي تاريخ‘ (1961ع)، ’فتوحات بابر‘ (1961ع)، ’بهار ادب‘ (1962ع)، ’پيرن سنديون پاٽيون‘ (ڪهاڻيون: ترتيب: 1963ع)، ’ڦوڳ ڦلاريا‘ (ڪهاڻيون: ترتيب: 1963ع)، ’سلطان محمود غزنوي‘ (1964ع)،’سياست جا اصول‘ (1972ع)، ’ڪنول ڪٽوريون‘ (شاعري: ترتيب)، ’وڻڪار‘ (متفرقه: ترتيب)، ’ڪوماڻو ڪنول‘ (ناول جو ترجمو)، ’اسلامي سياست‘ (سياست ۽ مذهب)، ’نظام الملڪ طوسي جو سياست نامو‘(چند بابن جو ترجمو)، ’سنڌي زبان اور ڊاڪٽر عبدالرحيم پراچه‘ (اردو) ’ڏکندو ڏور ٿئي‘ (شاعري)، ’لا مذهبي دؤرجو تاريخي پس منظر‘ (ترجمو)، ’عروض جا اهڃاڻ‘، ’حقيقي پيچرو‘، ’حافظ شيرازيءَ جي پنجاهه غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي‘ ۽ لطيفيات ۾ سر مومل راڻو ۽ سُر سارنگ وغيره. ان کان سواءِ پاڻ ڪيترا تنقيدي مضمون به سنڌ جي مختلف رسالن ۾ لکيا. هن سان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران 2015ع ۾ رهاڻ رچائي وئي ۽ کيس ادب ۾ مڃتا اوارڊ پڻ ڏنو ويو. عبدالقيوم ’صائب‘ 24 آڪٽوبر 2018ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالقيوم صائبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.07.27  عيسوي

نامور شاعر ۽ اديب عبدالقيوم ولد نبي بخش پيرزادو، 27 جولاءِ 1927ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.


2018.10.24  عيسوي

عبدالقيوم ’صائب‘ 24 آڪٽوبر 2018ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم لاشاري پروفيسر
سنڌو ميراڻي
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
نسيم ٿيٻو
شاهه محمد گاڏهي
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
خالد چانڊيو
حبيب الله مرزا ڊاڪٽر
مختيار سمو
رضوي ماڪن شاهه
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون